حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ڪالھ ٻئي ڏينھن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر پاران شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل ڪتاب تي ويھڪ ٿي ڪالھ حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول جي پڄاڻي واري تقريب ۾ ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته جيڪڏھن شھيد بينظير ڀٽو زنده ھجي ھا ته اڄ جو پاڪستان ٻيو ھجي ھا ۽ بار بار آئين ٽوڙڻ وارا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏي ھا، ھن چيو ته سال 2001ع کان 2007ع تائين آمريڪا جي گادي واري ھنڌ واشنگٽن ۾ اسڪرپٽ لکي شھيد بينظير ڀٽو کي پيغام پھچايو ويو ته اھا 2007ع تائين پاڪستان نٿي وڃي سگھي، ان عرصي تائين پرويز مشرف خلاف ڪابه اپوزيشن برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان مان دھشتگردن جو خاتمو آڻي، پاڪ ڀارت تعلقاتن کي بھتر بنائڻ تي ڪم ڪيو ويندو ۽ پوءِ تاريخ اھا ڳالھ سچ ثابت ڪئي. ھن چيو ته ڇا 27 ڊسمبر 2007ع جو واقعو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جو اسڪرپٽ به ٻاھر لکيو ويو ھو اھو سوال اڄ به منھنجي ذھن مان اڀري اچي ٿو. جڏھن ته شھيد بي بي 2007ع ۾ ڏيھ اچڻ جو فيصلو ڪري چڪي ھئي ته ان وقت محترمه بينظير ڀٽو کي پنھنجي گھر جي ڀاتين ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن پاڪستان اچڻ کان منع ڪئي ھئي پر شھيد بينظير چيو ته ھو ته ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي ۽ عوام جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ پاڪستان ويندي ۽ پاڻ اليڪشن مھم جي اڳواڻي ڪندي. ھن چيو ته آئون شھيد بينظير ڀٽو ۽ ان جي والده بيگم نصرت ڀٽو جي گھڻو ويجھو رھيس، انھن بابت به تفصيل سان لکيو آھي ۽ ڪتاب آڻيندس. ھن چيو ته 2001ع ۾ مونکي آمريڪا مان هڪ خط اي ميل ڪيو ويو. جيڪو محترمه بينظير ڀٽو لاءِ هو. جيڪو هڪ پاڪستاني آمريڪي شخص جو هو. جنهن ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاليسي ساز ڪميشن ٺاهڻي هئي. جنهن جو مقصد اهو هو ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ٿئي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت اچي. اهو پيغام بينظير ڀٽو کي موڪليو ويو، ان شخص جي وائيٽ هائوس ۾ رسائي هئي. جنهن کي 1970 کان سڃاڻان ٿو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي مون ان خط بابت آگاھ ڪيو ته ان مونکان پڇيو ته ان شخص کي آئون به سڃاڻان ٿي، ان مونکي خط ميل ڪرڻ بدران اوھان کي ڇو ڪيو ۽ تنهنجي اي ميل ان شخص کي ڪئين ملي. مون چيو ته آمريڪا ۾ منھنجي ڌيء رهندي آهي. ان جي مڙس سان ان شخص جو تعلق آھي، ٿي سگھي ٿو ان کان منھنجي ميل ايڊريس ورتي ھجي. جنھن کانپوء بينظير ڀٽو پنھنجي خرچ تي ٽڪيٽ ڪرائي مونکي آمريڪا گھرايو. هن چيو ته 2001 ۾ مشرف واجپائي سان مليو. عليحده ملاقات به ٿي. هن چيو ته پرڏيھي ملڪ جي گادي واري ھنڌ ۾ ويهي پاڪستان ۾ جمهوريت کي مينيوپليوٽ ڪيو ويو. ھن چيو ته ڏيھ اچڻ بعد محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي وچ ۾ اسلام آباد زرداري ھائوس ۾ ملاقات ٿي ھئي، جنھن ۾ بينظير ڀٽو چيو ته پاڻ کي گڏجي آئين شڪني کي روڪڻو پوندو. نامياري صحافي غازي صلاح الدين چيو ته پاڪستان ۾ سياسي اڳواڻ ڇا پيا ڪن، اھو فرحت الله بابر جي ڪتاب ۾ پڙهندا ته سمجهي ويندا. بينظير ڀٽو هڪ عورت هئي. ان جي سياست ڪرڻ به وڏي ڳالهه هئي. امينه سيد چيو ته بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ آئين، جمھوريت جي بحالي ۽ عوام جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ آئي ھئي، جيڪا پاڪستان جي اميد ۽ روشني ھئي.