سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي عدم پيشي تي چيف جسٽس ڪاوڙجي پيو، بار صدر طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي مسلسل عدم پيشي تي چيف جسٽس سخت ردعمل جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ بار جي صدر هارون الرشيد کي طلب ڪري ورتو.
عدالت ۾ وڪيلن جي غير حاضري تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ وڊيو لنڪ جي سهولت باوجود ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواستن تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.
سپريم ڪورٽ ۾ جاري ٻڌڻي دوران چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته هڪ پاسي تڪڙي ٻڌڻي جون درخواستون داخل ڪيون وينديون آهن ۽ ٻئي پاسي وڪيل پيش نٿا ٿين، عدالت ۾ وڊيو لنڪ جي سهولت باوجود وڪيل نٿا پهچن.
جسٽس شاهد بلال چيو ته وڪيلن طرفان ڪيس ملتوي ڪرڻ جون درخواستون غير معمولي حد تائين وڌي ويون آهن، چيف جسٽس چيو ته بار ذريعي وڪيلن کي پابند ڪيو وڃي ته جيئن عدالت ۾ حاضري يقيني بڻائي سگهجي.
سپريم ڪورٽ بار صدر هارون الرشيد چيو ته پيش نه ٿيڻ تي وڪيلن تي ڏنڊ هنيو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس سختي سان چيو ته پهرئين ڀيري ڏنڊ لاڳو ناهيون ڪندا پر وڪيلن کي پابند ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن عدالت جي نظام کي نقصان نه پهچي.
چيف جسٽس واضح ڪيو ته عدالت ۾ وڪيلن جي غير حاضري ٻڌڻي جي عمل ۽ عدالتي ڪارروائي کي متاثر ڪري رهي آهي، تنهن ڪري سخت قدمن جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.