تاجڪ اختيارين جي افغانستان مان دراندازي ڪندڙ 4 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ

دوشنبي (ويب ڊيسڪ) تاجڪستان جي اختيارين چيو آهي ته هنن پاڙيسري ملڪ افغانستان مان سرحد پار ڪندڙ چئن ڄڻن کي ماري ڇڏيو آهي، جن کي سرڪاري طور ”دهشتگرد“ قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي، جڏهن افغانستان ۽ تاجڪستان جي سرحدي علائقي ۾ پرتشدد واقعن ۾ واڌ ڏٺي پئي وڃي.
تاجڪ سيڪيورٽي ادارن موجب ڏکڻ علائقي خاتلون ۾ اها ڪارروائي ان وقت ڪئي وئي، جڏهن هٿياربندن هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
تاجڪ اختيارين موجب نومبر کانپوءِ افغانستان سان سرحد تي اهڙي نوعيت جا گهٽ ۾ گهٽ 5 واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن ۾ مجموعي طور 16 ڄڻا مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ تاجڪ سرحدي محافظ، چيني شهري ۽ اهي ماڻهو شامل آهن،جن کي تاجڪ حڪومت سمگلر ۽ دهشتگرد قرار ڏئي ٿي.
نومبر ۾ چيني شهرين تي حملن کانپوءِ تاجڪ اختيارين افغان طالبان حڪومت تي زور ڏنو هو ته اهي بدامني روڪڻ لاءِ قدم کڻن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.