پلوشا خان، عليم خان سان ڏند چڪ جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر پلويشا خان وفاقي وزير عليم خان سان ڏند چڪ جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاري ڇڏيو.
شيري رحمان جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر پلوشا خان چيو ته اين ايڇ اي جي 2 ارب رپين سان ٺهندڙ روڊ بابت سوال ڪيو ويو پر عليم خان کي منهنجي ذات ۾ انٽرسٽ آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي هن فورم تان چوان ٿي ته ان جو نوٽيس وٺي، سينيٽ چيئرمين کي درخواست ڪيان ٿي ته رولنگ جاري ڪري.
هن چيو رولنگ ڏني وڃي ته هتي ڪو بدمست هاٿي ناهي سڀ برابر آهن، پاڪستان حڪومت جي پگهار کڻندي آهيان ڪنهن هائوسنگ سوسائٽي جي ملازم ناهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.