مهنديءَ کان وليمي تائين: مريم نواز ڪپڙن تي ڪيترا لک لُٽايا؟ ڄاڻيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پنهنجي پٽ جنيد صفدر جي شادي جي موقعي تي شاندار تياري ۽ لباس سبب ڌيان جو مرڪز رهي، مهندي کان وٺي وليمي تائين هر تقريب ۾ سندس لباس جي قيمت لکن ۾ هئي.
مريم نواز پٽ جي شادي تقريبن ۾ مشهور پاڪستاني ڊزائينر نومي انصاري ۽ اقبال حسين جا ڊيزائن ڪيل لباس پاتا، جنهن جا اگهه 13 لک کان 17 لک 70 هزار رپين تائين هئا، جڏهن ته ويلنٽينو جو مني بيگ تقريبن 9 لک رپين جو هو، جنهن سندس لُڪ کي وڌيڪ پرڪشش بڻايو.
مهندي جي تقريب لاءِ مريم نواز نومي انصاري جو ڊيزائن ڪيل پيلي رنگ جو خوبصورت لهنگو پاتو، ان لباس جي قيمت 17 لک 70 هزار رپيا ٻڌائي وئي آهي.
ڄڃ جي تقريب لاءِ هن ڊيزائنر اقبال حسين جو اوليو گرين ٽشو سلڪ جو پريميم برائيڊل لباس پاتو، پولڪي ۽ جيولري سندس لڪ کي وڌيڪ دلڪش بڻايو، ان لباس جي قيمت 13 لک 5 هزار رپيا آهي ۽ گڏوگڏ هن ويلنٽينو جو مني بيگ به ورتو، جنهن جي قيمت تقريبن 9 لک رپيا ٻڌائي وئي آهي.
وليمي جي موقعي تي مريم نواز نومي انصاري جو ڊيزائن ڪيل شاندار لباس پاتو، جنهن جي قيمت 17 لک 70 هزار رپيا هئي.
اها تقريب نه رڳو رشتن جي خوشين جو مرڪز رهي پر لباس ۽ فيشن جي دنيا ۾ به سڀني جي نظرن جو مرڪز بڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.