وڏي نقصان کان بچڻ چاهيو ٿا ته هاڻي جو هاڻي گوگل ڪروم اپڊيٽ ڪيو

گوگل ڪروم ويب برائوزر لاءِ انتهائي اهم سيڪيورٽي اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي.
گوگل واهپيدارن تي زور ڏنو آهي ته هو ڪروم ويب برائوزر کي فوري طور اپڊيٽ ڪري وٺن ته جيئن تازو سامهون آيل سيڪيورٽي ڪمزورين کان پاڻ کي بچائي سگهن.
هن اپڊيٽ ۾ ويب برائوزر ۾ موجود اهڙيون ڪيترين ئي سيڪيورٽي خامين کي فڪس ڪيو ويو آهي، جن کي هيڪرز استعمال ڪري سگهن ٿا.
گوگل طرفان جاري ڪيل بيان موجب، تازن ڪروم بلڊز (Builds) ۾ ڪيئي ئي ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، جن کي درست ڪرڻ لاءِ هيءَ نئين اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
ڪمپني طرفان سيڪيورٽي خامين جا تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
گوگل تصديق ڪئي آهي ته انهن مان ڪجهه سيڪيورٽي خاميون انتهائي سنگين آهن ۽ جيڪڏهن انهن تي ضابطو نه آندو ويو ته واهپيدارن جي سيڪيورٽي کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
گوگل ڪروم دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ويب برائوزر آهي، جنهنڪري ان ۾ موجود سيڪيورٽي خاميون تمام گهڻو نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.
ڪروم برائوزر کي اپڊيٽ ڪيئن ڪجي؟
عام طور تي گوگل ڪروم پاڻمرادو اپڊيٽ ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن توهان کي خبر نه هجي ته برائوزر اپڊيٽ ٿيو آهي يا نه ته ٿري ڊاٽ مينو تي ڪلڪ ڪري سيٽنگز ۾ وڃو.
اتي ابائوٽ ڪروم تي ڪلڪ ڪريو، جيڪو صفحي جي کاٻي پاسي سڀ کان هيٺ هوندو.
ان کانپوءِ ڪروم پاڻ ٻڌائيندو ته برائوزر اپ ٽو ڊيٽ آهي يا نه.
جيڪڏهن اپڊيٽ نه هوندو ته اهو پاڻمرادو اپڊيٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو.
اپڊيٽ مڪمل ٿيڻ کا پوءِ رڳو ري لانچ ڪريو ۽ ڪروم مڪمل طور تي اپڊيٽ ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.