ورهين جو اوسيئڙو ختم: اٽس ايپ ويب ورزن ۾ سال جي سڀ کان وڏي اپڊيٽ ڪري ڇڏي

واٽس ايپ طرفان ويب ورزن لاءِ ِ هڪ وڏي اپڊيٽ تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن جو واهپيدار ڊگهي عرصي کان انتظار ڪري رهيا هئا.
ميٽا جي ملڪيت هيٺ هلندڙ ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ گروپ وائس ۽ وڊيو ڪالنگ سپورٽ شامل ڪئي پئي وڃي.
ان اپڊيٽ سان ويب ورزن ۾ واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جو تجربو وڌيڪ بهتر ٿيندو، جڏهن ته موبائل يا ڊيسڪ ٽاپ ايپ تي دارومدار به گهٽجي ويندو.
هڪ رپورٽ موجب، في الحال ان فيچر تي ڪم جاري آهي ۽ اهو اڃا بيٽا واهپيدارن لاءِ به دستياب ناهي.
پر ڪجهه اهڙا اشارا مليا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تمام جلد واهپيدار ويب برائوزر تي ئي واٽس ايپ گروپ ڪالز ڪري سگهندا يا انهن جو حصو بڻجي سگهندا.
هن فيچر جو مقصد واٽس ايپ جي ويب ورزن کي موبائل ايپ جهڙو بڻائڻ آهي، جيئن واهپيدار سولائيءَ سان مختلف ڊيوائيسز وچ ۾ سوئچ ڪري سگهن ۽ هڙئي فيچرز دستياب هجن.
هن وقت واٽس ايپ ويب ۾ ون آن ون آڊيو ۽ وڊيو ڪالز ڪرڻ جي سهولت موجود آهي.
پر ڪمپني ڊگهي عرصي کان ويب ورزن ۾ گروپ ڪالز وارو فيچر شامل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
جڏهن اهو فيچر واهپيدارن لاءِ دستياب ٿيندو ته هو چيٽ ونڊوز ۾ وڃي گروپ ڪالز ڪري سگهندا، ڪالز جون نوٽيفڪيشنون حاصل ڪري سگهندا ۽ آساني سان اڳواٽ جاري گروپ ڪالز ۾ شامل ٿي سگهندا.
في الحال اهو واضح ناهي ته هي فيچر ڪيستائين سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.