پاڪستان لاءِ وڏو اعزاز، چانور برآمد ڪندڙ دنيا جو ٽيون ملڪ بڻجي ويو

عالمي رسالي گلف نيوز به پاڪستاني چانور جي عالمي سطح تي مشهوري جي تصديق ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب سال 2026 جي شروعات تي پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو چانور برآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي.
ڊسمبر 2025 ۾ پاڪستاني چانور جي برآمدن ۾ 14 سيڪڙو ماهوار واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
باسمتي چانور جي برآمدن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڊسمبر 2025 ۾ پاڪستان 4 لک 89 هزار ٽن چانور عالمي منڊين ۾ برآمد ڪيا.
ڊسمبر 2025 ۾ ويٽنام جون برآمدون 3 لک 87 هزار ٽن رهيون، پاڪستان ويٽنام کي پوئتي ڇڏيندي عالمي درجابندي ۾ ٽين پوزيشن ماڻي ورتي.
پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ چانور يو اي اي، چين، تنزانيا، ڪينيا ۽ آئيوري ڪوسٽ کي برآمد ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.