سلمان خان جي ضد ڪرن جوهر کي به روئاري ڇڏيو! هدايتڪار جو وڏو انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ناليواري هدايتڪار ڪرن جوهر انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيري سپر اسٽار سلمان خان فلم جي شوٽنگ دوران کيس روئاري ڇڏيو هو.
ويجهڙائي ۾ ڪرن جوهر پنهنجي شو ۾ نِيتي، مڪتي ۽ شڪتي موهن کي مهمان طور گهرايو، جتي هن ماضي جون يادون تازيون ڪندي ٻڌايو ته فلم ”ڪجهه ڪجهه هوتا هي“ جي مشهور گاني ”ساجن جي گهر آئي“ جي شوٽنگ دوران هو سلمان خان جي وينيٽي وين ۾ وڃي روئي ڏنو هو.
ڪرن جوهر ٻڌايو ته ”ڪجهه ڪجهه هوتا هي“ سلمان خان سان سندس پهرين فلم هئي ۽ سلمان هڪ وڏو سپر اسٽار هو، ان ڪري هو تمام گهڻو گهٻرايل هو.
”ساجن جي گهر آئي“ جي شوٽنگ لاءِ سڀ تياري مڪمل هئي، جڏهن مان سلمان خان جي وينيٽي وين ۾ داخل ٿيس ته کيس ٽي شرٽ ۽ جينز پاتل هئي.
ڪرن جوهر وڌيڪ ٻڌايو ته مون سلمان خان کي چيو ته توهان کي ڪپڙا تبديل ڪرڻا پوندا، ڇو ته هي هڪ شاديءَ جو گانو آهي، ان تي سلمان خان عاجزاڻي نموني جواب ڏنو ته ”ها، پر جيڪڏهن پهريون ڀيرو گهوٽ جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ ايندو ته اهو هڪ نئون اسٽائيل هوندو، مان ان ۾ سوئگ آڻيندس.“
هدايتڪار چيو ته اهو ٻڌي مان پريشان ٿي ويس، ڇو ته سيٽ ڏاڍو شاندار هو ۽ سلمان خان جي هيروئن ڪاجول کي لهنگو پاتل هو، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن گهوٽ جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ اچي ها ته ڇا ٿئي ها؟
ڪرن جوهر چيو ته اها ڳالهه ٻڌي مان روئڻ لڳس، ڇو ته مان اڳ ئي ذهني دٻاءُ ۾ هوس، مان پنهنجن جذبن تي ضابطو نه رکي سگهيس ۽ سلمان خان جي سامهون ئي سندس وينيٽي وين ۾ روئي ڏنم.
هن ڳالهه جاري رکندي چيو ته مون کي روئندو ڏسي سلمان خان پنهنجي ضد تان لهي ويو ۽ سوٽ پائي شوٽنگ تي اچڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.