ساف وومينز فٽسال چيمپيئن شپ ۾ پاڪ ۽ ڀارت جي ڪپتانن راند ۾ سياست کي رد ڪري ڇڏيو.
ساف فٽسال چيمپيئن شپ ۾ پاڪ ـ ڀارت ميچ کان اڳ پاڪستان وومينز ٽيم جي ڪپتان ڪائنات بخاري ڀارتي ڪپتان کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.
ميچ کان اڳ ٻنهي ڪپتانن هٿ ملايو، جڏهن ته رانديگرن روايت موجب هاءِ فاءِ پڻ ڪيو ۽ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته راندين ۾ سياست ۽ نفرت انگيزي جي ڪا به گنجائش ناهي.
ان کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم بي سي سي آءِ جي حڪمن تي راندين ۾ سياست آڻي، راند جي روح جي توهين ڪندي پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو هو،
ڀارتي ڪرڪيٽرن ڀلي انڊر 19 هجي، مينز ٽيم يا وري وومينز ٽيم هر هنڌ سياست ڪئي، پر ٻين راندين ۾ ڀارتي اٿليٽس هميشه نفرت واري سياست کي رد ڪيو آهي.