دنيا جو سڀ کان وڏو قيمتي ياقوت دريافت، قيمت ڪيتري اٿس؟

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا هڪ ديوهيڪل ارغواني جهڙي ياقوت جي دريافت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي دنيا جو سڀ کان وڏو ياقوت قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ان جي ماليت گهٽ ۾ گهٽ 400 ملين ڊالر ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ان قيمتي پٿر کي الطاهرا زميني ستاري جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان جو وزن 3563 قيراط آهي.
ياقوت کي ڪولمبو ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو، جتي ان جي 6 شعاعن تي ٻڌل ستاري جهڙي بيهڪ ماهرن کي حيران ڪري ڇڏيو.
اهو ياقوت 2023 ۾ رتنابورا ڳوٺ ڀرسان ديافت ٿيو، جيڪو سڄي دنيا ۾ قيمتي پٿرن جي علائقي طور مشهور آهي.
ياقوت کي ٻين پٿرن سان گڏ خريد ڪيو ويو هو پر مالڪن کي ان جي اصل قدر جو اندازو ٻن سالن کانپوءِ ٿيو، جنهن کانپوءِ ان کي باضابطا طور رجسٽر ڪرايو ويو ۽ ٻن خاص ليبارٽرين مان ان جي تصديق ڪرائي وئي.
ماهرن موجب ان سريلنڪن ياقوت جي قيمت 400 ملين ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي، جيڪا ان کي هيل تائين دريافت ٿيندڙ مهانگن ترين قيمتي پٿرن ۾ شامل ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.