چور واردات کانپوءِ واپسيءَ جو رستو نه ملڻ سبب گهر ۾ ئي سُمهي پيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تلنگانه جي ڪاماريڊي ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو، چوري جي نيت سان گهر ۾ داخل ٿيل شخص واپسي جو رستو نه ملڻ سبب اتي ئي سمهي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب بيرڪور جي ٻئي وارڊ جي هڪ گهر ۾ چور پوئين حصي جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿيو، هن ڪجهه سامان ۽ روڪ رقم هڪ ٻوري ۾ وڌي پر واپسي ممڪن نه ٿيڻ سبب ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي سمهي پيو.
گهر ڀاتين چور کي ڏسي فوري طور پوليس کي گهرائي ورتو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري شڪايت داخل ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.