ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي 24 ساٿين سميت گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ يوسي شاهه فيصل ٽائون جي چيئرمين گوهر خٽڪ کي 24 ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو.
ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار گوهر خٽڪ کي گرفتار ڪيو، جنهن کي قبضي مان هٿيار برآمد ٿيا ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،
ايف آءِ آر ۾ پوليس کي مارڻ جي نيت سان حملو ڪرڻ جا قلم شامل آهن.
پوليس موجب گوهر خٽڪ پنهنجي ساٿين سان گڏ ٽائون آفيس ۾ موجود هو، هو عوام کي رياست خلاف اڪسائي رهيو هو، پوليس پهچي کيس روڪيو ته هن ساٿين سوڌو حملو ڪري ڏنو، جنهن کانپوءِ گوهر خٽڪ کي ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.