ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪار ايوب کوسي چيو آهي ته کيس هڪ ڊرامي ۾ اداڪارا عتيقه اوڌو سان رومانوي سين رڪارڊ ڪرائڻو هو، جنهن دوران کيس ڏاڍي مشڪل پيش آئي.
ويجهڙ ايوب کوسو هڪ خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ شريڪ ٿيو، جتي هن پنهنجي زندگي جي مختلف واقعن جو ذڪر ڪندي اداڪاري بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پروگرام دوران هڪ وڊيو ڪلپ ذريعي هڪ مداح اداڪار کان دلچسپ سوال ڪيو ته ” توهان ڏسڻ ۾ تمام سخت لڳو ٿا، مهرباني ڪري ڪو گيت يا رومانوي ڊائلاگ ٻڌايو؟“
مداح جي سوال جي جواب ۾ ايوب کوسي هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته هو ”دشت“ ڊرامي ۾ ڪم ڪري رهيو هو ، جنهن ۾ هن هڪ سخت قبائلي شخص جو ڪردار ادا ڪيو هو.
اداڪار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته ڊرامي لاءِ کيس اداڪارا عتيقه اوڌو سان گڏ هڪ رومانوي سين ڪرڻو هو، اِهو منظر فلمبند ڪرائڻ هن لاءِ تمام ڏکيو هو.
هن چيو ته اسان بلوچن ۾ رومانويت جو معيار ڪجهه ٻيو هوندو آهي، سين دوران عتيقه اوڌو جو هٿ پڪڙي سندس واکاڻ ڪرڻي هئي، جيڪو سين هن لاءِ ڏاڍو ڏکيو بڻجي ويو هو.
ايوب کوسو مُرڪندي مداح کي چيو ته هو معذرت خواهه آهي جيڪڏهن سوال جو صحيح نموني جواب نه ڏئي سگهيو هجي، ڇو ته نه کيس گيت ڳائڻ ايندو آهي ۽ نه ئي ڪو رومانوي ڊائيلاگ اچي ٿو.
You might also like