موبائلون ڦري افغانستان ۾ وڪرو ڪندڙ 16 رڪني گروهه پڪڙيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موبائل فونز ڦر ڪري افغانستان ۾ وڪرو ڪندڙ گروهه کي پڪڙيو ويو.
اسلام آباد پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ منظم گروهه جي 16 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪي موبائل فونز پري انهن جي آءِ ايم اي آءِ تبديل ڪري افغانستان ۾ وڪرو ڪندا هئا.
ايس ايس پي آپريشنز ٻڌايو ته جوابدارن وٽان لکين رپيا ماليت جون موبائل فونز ۽ موٽر سائيڪلون برآمد ڪيون ويون.
پوليس موجب جوابدارن طرفان وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻه موٽر سائيڪلون، 5 پسٽل ۽ ايمونيشن به ضبط ڪيا ويا آهن.
ايس ايس پي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڦر سميت ٻين سنگين ڏوهن جي 16 وارداتن ۾ گهربل هئا، انهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڪيتريون ئي وارداتون ڪيون، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.