اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سال 2026 لاءِ سرڪاري ۽ اختياري موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪابينا سيڪريٽريٽ پاران سال 2026 لاءِ عام موڪلن جو اعلان ڪيو ويو، ڪابينا ڊويزن قومي، اسلامي ۽ اقليتن جي تهوارن تي عام موڪلن جو شيڊيول جاري ڪيو آهي.
شيڊيول موجب سال جي پهرين موڪل 5 فيبروري ڪشمير ڏهاڙي تي هوندي، جڏهن ته ان کانپوءِ 23 مارچ پاڪستان ڏهاڙي جي موڪل هوندي.
21، 22 ۽ 23 مارچ تي عيدالفطر جون موڪلون هونديون، پهرين مئي تي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موڪل ۽ 28 مئي يوم تڪبير تي به موڪل هوندي.
ان کانسواءِ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 27، 28 ۽ 29 مئي تي موڪل هوندي، جڏهن ته 9 ۽ 10 محرم الحرام (24 ۽ 25) جون تي به موڪل هوندي.
14 آگسٽ تي پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي ۽ 25 آگسٽ تي عيد ميلاد النبي صه جي موڪل هوندي.
9 نومبر تي علامه اقبال جي پيدائش، 25 ڊسمبر تي قائداعظم جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جي موڪل هوندي، جڏهن ته 26 ڊسمبر ڪرسمس جي ايندڙ ڏينهن رڳو عيسائي برادري لاءِ موڪل هوندي.
ان کانسواءِ پهرين جنوري، 18 فيبروري ۽ پهرين جولاءِ تي بينڪن جون موڪلون هونديون.
You might also like