خلع کانپوءِ ڏاج جي تڪرار تي جسٽس محسن اختر ڪياني جا اهم ريمارڪس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني خلع کانپوءِ ڏاج جي تڪرار بابت ڪيس ۾ اهم ريمارڪس ڏنا آهن.
جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان وٽ هڪ مائينڊ سيٽ بڻجي ويو آهي ته جيڪڏهن زال کي ٺونشو يا چماٽ هڻندئو ته اهو ٽارچر آهي، ذهني تشدد کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي، توڙي جو اهو سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي.
هن چيو ته عورتون جيترو ڪمپرومائز ڪنديون آهن مرد انهن جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو به ناهن ڪندا، جيڪڏهن عورت سان عليحدگي ٿي وئي آهي ته ان کي عزت سان رهڻ ڏيو.
سندس چوڻ هو ته شادي وقت ڏنل مُوڙو سدائين زال جو ئي هوندو آهي، جيڪڏهن توهان کي زال سان گڏ سٺي زندگي گذارڻي آهي ته ان کان موڙو نه وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.