تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل لاءِ اڳوڻي آمريڪي سفير دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ ايراني سپريم ليڊر کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
ڊان شپيرو، بارڪ اوباما جي صدارتي دور ۾ اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مقرر هو.
اسرائيلي خابرو اداري موجب هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي آمريڪي سفير چيو ته صدر ٽرمپ ڪجهه ڏينهن ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
هن وڌيڪ چيو ته آيت الله خامنه اي هاڻ 86 ورهين جو ٿي چڪو آهي ۽ بيمار ماڻهو آهن، تنهن ڪري ايران کي اهڙي وقت ۾ نئين قيادت جي ضرورت آهي.
ان کانسواءِ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي آمريڪي سفير چيو ته جلد آمريڪا جو هڪ وڏو ٻيڙو وچ اوڀر ۾ موجود هوندو، جيڪو ايران تي حملي کي نه رڳو آسان بڻائيندو پر ايران جي جواب جي صورت ۾ دفاعي تيارين ۾ به مدد ڏيندو.
هن چيو ته آمريڪا ايراني فورسز تي وڌيڪ حملا ڪري سگهي ٿو.
ٽرمپ ڪجهه ڏينهن ۾ ايراني سفير ليڊر کي نشانو بڻائي سگهي ٿو: اڳوڻي آمريڪي سفير جي دعويٰ
You might also like