ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر حسين، سعيد غني، ميئر ڪراچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي امداد جي فراهمي سڀاڻي کان شروع ڪئي ويندي.
مراد علي شاهه چيو ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ تي شديد ڏک آهي، جاني نقصان جو مطلب آهي ته ڪيترائي ڪٽنب متاثر ٿيا آهن، سمورا متاثر هلندڙ ڪاروبار کان بي روزگار ٿي ويا آهن، مان چاهيان ٿو ته سڀني متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن.
مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جا بار بار فون اچي رهيا آهن، پيپلز پارٽي قيادت چاهي ٿي ته گل پلازا جي واپارين کي فوري بحال ڪيو وڃي ۽ پلازا جي سڀني متاثرن کي بحال ڪنداسين.
وڏي وزير چيو ته سڀني متاثرن جي بحالي ڪيئن ڪئي وڃي، ان بابت فيصلو ڪرڻو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گل پلازا ۾ 1200 دڪان آهن، يعني 1200 متاثر آهن.
هن چيو ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ تمام وڏو واقعو آهي، فائر فائٽر ۽ ريسڪيو عملو ٽن جاين تان اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، 73 ڄڻا گم آهن، لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن.
ان کانسواءِ مراد علي شاهه عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملبو هٽائڻ جو ڪم فوري شروع ڪيو وڃي، باهه لڳڻ جي فرانزڪ رپورٽ تيار ڪرائي ويندي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته باهه ڪيئن لڳي، گل پلازا واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندانن کي فوري معاوضو ڏيڻ چاهيان ٿو.
ترجمان موجب، وڏي وزير جي وڏي وزير گل پلازا جي متاثرن لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.
گُل پلازا سانحو: سنڌ سرڪار جو فوتين جي وارثن لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ معاوضي جو اعلان
You might also like