اسلام آباد (اسد طور) سعيد مهدي هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو، هڪ ڏينهن ملتان جو ڪور ڪمانڊر جنرل ضياءُ الحق ذاتي طور تي ڀٽو صاحب جي حفاظت ڪرڻ چاهيندو هو. ڀٽو صاحب سندس ڪوشش جي تعريف ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ضياءُ الحق ڀٽو صاحب جو 3 ڪلاڪ انتظار ڪيو ۽ خوشامد ڪندي چيو ته مون کي اچڻ جو حڪم هو، وڃڻ جو نه، ان لاءِ مان بيٺل رهيس. ڀٽو صاحب جنرل ضياءُ الحق جي هن فرمانبرداري کي ڏٺو ۽ ان کان متاثر ٿيو. بعد ۾ ضياءُالحق آرمي چيف بڻيو ۽ ان ئي ڀٽو صاحب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو، نواز شريف وٽ به موقعو هو ته اهي جنرلن خلاف ڪارروائي ڪري سندن سياست ۾ مداخلت کان پاسي ڪن ٿا پر بعد ۾ سندن حڪومتون هليون ويون. عمران خان جي جنرل باجوا سان لاڳاپن جي خراب ٿيڻ کان پوءِ، سندس حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ لاڳاپا متاثر ٿيا. جيڪڏهن عمران خان ان وقت پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فوج خلاف ڪارروائي ڪري ها ته اڄ پاڪستان جي سياست ڪجهه مختلف هجي ها. هاڻي بحث ٿي رهيو آهي ته ووٽ ڏيڻ جي عمر 18 کان وڌائي 25 سال ڪئي وڃي. منيب فاروق چيو آهي ته 25 سالن جو ووٽر سياسي طور تي وڌيڪ باشعور آهي. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو 18 سالن جي عمر ۾ پاڪستان جي سڀ کان پراڻي سياسي پارٽي جي قيادت سنڀالي سگهي ٿو ته پوءِ عام ماڻهن کان ووٽ ڏيڻ جو حق ڇو کسيو وڃي؟ اهو سمجهيو پيو وڃي ته اڳتي هلي 2027 ۾ وڏي انگ ۾ نوان ووٽر ووٽ ڏيڻ جي اهل ٿي ويندا ۽ ان سان پي ٽي آءِ جي ووٽرن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙي ريت ان تي پابندي جا سانباها ڪيا پيا وڃن. 4 کان 5 ڪروڙ ووٽرن کي نااهل قرار ڏيڻ جي ڪوشش آهي.