لاقانونيت وڌي وئي، سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪنداسين:صنعان قريشي

سن(پ ر) رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز جو سيد جي پيراندي کان جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ جلسو ڪيو ويو،  جلسي کان پهرين صنعان خان قريشي، آڪاش ملاح، فقير رمضان ڪلوڙ، محمد رمضان خاصخيلي، صفدر تنيو، علي انور چانڊيو، عزيز شيخ، سمع بلاولي، آزاد ڪنڀر،امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر سرور خشڪ، ديدار شام، مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙو، ناياب سرڪش جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪري، سيد جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو، جلسي کي صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سيد جي سالگرھ تي سنڌ سان وفا جو وچن ڪرڻ آيا آهيون، سائين جي ايم سيد سڄي حياتي سنڌ لاءِ جدوجهد ڪئي،هن چيو ته  سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ شهيد بشير خان قريشي، عدم تشدد جي راھ تي پنهنجو سر قربان ڪري ڇڏيو، جنهن جي قتل جا پيرا لکايا لکيا ويا وڏي سازش ڪئي وئي آهي پر تاريخ شهيد سان ضرور انصاف ڪندي، هن چيو ته موجوده وقت ۾ سنڌ کي بچائڻ لاءِ سيد جي فڪر ۽ شهيد بشير خان قريشي جي اختيار عدم تشدد جي رستي هلي سڄي سنڌ ۾ تاريخي جدوجهد ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت وڌي وئي  قبيلائي جهڙن ۾ خاندانن جا خاندان تباھ ٿي رهيا آهن، تعليم ، واپار سخت متاثر ٿئي ٿو، تنهن ڪري سنڌ مان قبيلائي جهڙا ختم ڪرائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ جدوجهد ڪنداسين پهرين مرحلي ۾ 11  فيبروري تي شڪارپور ۾ امن ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيان ٿو، اُتر سنڌ سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ مسلسل تحريڪ هلائينداسين، آڪاش ملاح خطاب ڪندي چيو ته اسان پرامن آهيون، سيد جو فڪر کڻي سنڌ بچائڻ نڪتا آهيون فقير محمد رمضان ڪلوڙ چيو ته سيد جي سالگرھ ملهائڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ جي رستن تي رڪاوٽون وڌيون ويون، پر سيد جا ڪارڪن نعرا هڻندا رڪاوٽون ٽوڙي سن پهچي ويا آهن، صفدر تنيو،علي انور چانڊيو، سميع بلاولي، ، اشرف ڪلهوڙو، ناياب سرڪش خطاب ڪندي چيو ته ڪارڪن اڄ سڀ رڪاٽون توڙي سن پهتا آهن،

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.