اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ جديد سافٽ ويئر وسيلي ڪئي ويندي.
ڇنڇر ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڌرين پاڪ–آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
ملاقات ۾ ٻه طرفي سيڪيورٽي سهڪار، بارڊر مينيجمينٽ ۽ آمريڪي ادارن جهڙوڪ اينٽي ٽيررسٽ سسٽنٽس پروگرام ۽ بيورو آف انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمنٽ سان جاري ڀائيواري کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، مستقبل ۾ هر سطح تي بهتر هم آهنگي وسيلي پاڪ– آمريڪا سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته ٻاهرئين ملڪ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ جديد سافٽ ويئر ذريعي ڪئي ويندي ۽ ايف آءِ اي، فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ سائبر ڪرائم ايجنسي جي آفيسرن لاءِ تربيتي پروگرام جاري رهندا.
هن چيو ته آمريڪي سهڪار سان ايف آءِ اي ۾ سينٽر فار ٽرانسفارميشن ڪرائم ۽ اڪيڊمي جي قيام وارا ڪم به اڳتي وڌايا ويندا، ايف آءِ اي جي دهشتگردي روڪ ونگ کي فعال بڻائڻ لاءِ آمريڪي مدد انتهائي اهم ثابت ٿيندي، اها وفاقي سطح تي پهرين اينٽي ٽيررسٽ ونگ هوندي، جيڪا صوبن سان اثرائتي ڪوآرڊينيشن رکندي.
محسن نقوي ٻڌايو ته نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) سڄي ملڪ ۾ غير قانوني ڪال سينٽرن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي، مالي فراڊ ۽ دهشتگردي جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ جديد سافٽ ويئر نهايت ضروري آهن، ان حوالي سان آمريڪا جو اين سي سي آءِ اي سان سهڪار انتهائي اهم آهي.
آمريڪي وفد پاڪستان طرفان سيڪيورٽي سهڪار ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.
آمريڪي سفير چيو ته گهرو وزارت ۽ آمريڪي ادارن وچ ۾ مختلف سطحن تي جاري سهڪار واکاڻ جوڳو آهي ۽ آمريڪا پاڪستان سان ڀائيواري وڌائڻ لاءِ قدم جاري رکندو.
You might also like