”بابر ۽ رضوان کي ماڊرن ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي اهليت تي ٻيهر سوچڻ گهرجي“

اڳوڻي ڪرڪيٽر راڻا نويدالحسن بگ بيش ليگ ۾ پنهنجي تجربن جي روشني ۾ بابر اعظم ۽ اسٽيو سمٿ وچ ۾ پيش آيل واقعي تي کليل نموني ڳالهايو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا نويدالحسن چيو ته بگ بيش ليگ مون کي سيکاريو آهي ته آسٽريلوي کَرا هوندا آهن، هڪ ڊگهي عرصي تائين بي بي ايل جو حصو رهڻ تي مان ڏٺو ته وڏيون ليگون ڪيئن ڪم ڪنديون آهن، پاڪستان ۾ ٽيم ڪلچر جيان اتي رانديگرن کي وڏن نالن جو ڪو خوف ناهي هوندو.
هن چيو ته آسٽريلوي رڳو صلاحيتن تي يقين رکندا آهن ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽرن سان جڏهن توهان کيڏندا آهيو ته توهان کي امپيڪٽ جي لحاظ سان جاچيو ويندو آهي، اسٽيو سٿ جيڪو عمل ڪيو اهو ثابت ڪري ٿو ته هو توهان کي ڪهڙي مقام تي ڏسن ٿا، بابر اعظم ۽ محمد رضوان کي ماڊرن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي اهليت بابت ٻيهر سوچڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.