گوادر (ويب ڊيسڪ) گوادر ۾ مسافر ڪوچ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب حادثو گوادر ۾ هڏ ڳوٺ وٽ پيش آيو، جتي تيز رفتار مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اونڌي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 مسافر فوت ۽ 14 زخمي ٿي پيا.
حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان جيوڻي وڃي رهي هئي، حادثي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like