بٺوري مان 3 ڏينهن اڳ پورهئي لاءِ ويل نوجوان ڪراچي ۾ ڦورن هٿان قتل

ميرپوربٺورو (رپورٽ: امتياز علي سومرو ) ميرپوربٺورو مان ٽي ڏينهن اڳ مزدوري تي ويل پورهيت نوجوان ڪراچي ۾ ڦورن هٿان مارجي ويو، ڳوٺ سليمان خاصخيلي مان ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي مزدوري تي ويندڙ پورهيت نوجوان نظر علي خاصخيلي کي ڪراچي جي علائقي حب چوڪي ڀرسان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن  گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ڦورن هٿان مارجي ويل پورهيت جي لاش کي ميرپوربٺورو جي ڳوٺ سليمان خاصخيلي آندو ويو جتي مقتول نوجوان جي گهر ۾ قهرام مچي ويو نوجوان کي سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ظالمن نوجوان کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، نوجوان ڳوٺ جي ماڻهن سان گڏ پورهئي لاءِ ڪراچي فيڪٽري راگني ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويل هو جيڪو ڪمپني جي ٻاهران ماني وٺڻ لاءِ ويل هو جنهن کي برف ڪارخاني ويجهو موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان ڦورن سان مزاحمت ڪري ڏني جنهن تي ڦورن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، هنن اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مقتول نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.