پاڪستان اسٽيل مل مان اربين رپين جي چوري جو انڪشاف، جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي خط

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) وفاقي صنعت ۽ پيداوار جي وزارت پاران پاڪستان اسٽيل مان اربين رپين جي چوري ٿيڻ جو انڪشاف سامهون آيو، خبر موجب وفاقي صنعت ۽ پيداوار جي وزارت پاران  پاڪستان اسٽيل مان اربين رپين جي چورين جي ڪيسن جي تحقيقات ۽ قدم کڻڻ لاءِ ايف آءِ اي کي خط لکي گذارش ڪئي آهي ته اسٽيل مل مان ٿيندڙ روزانو جي بنياد تي لکين رپين جي ماليت جو ٽامو، مشينري ۽ لوهه چوري ٿي رهيو آهي جنهن جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، خط۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان اسٽيل مان چوري جا وڌندڙ واقعا قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن جيڪي اداري جي بحالي جي ڪوششن تي ناڪاري اثر وجهن ٿا، قيمتي مشينري ڪيبل، اسڪريپ، انفرااسٽڪرچر ۽ ٻيون اهم شيون مختلف ماڻهن هٿان چوري ڪيون ويون آهن اهڙا واقعا سڪيورٽي جي نااهلي کي ظاهر ڪن ٿا جن لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فوري مداخلت ضروري آهي، خط۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته 24 ڊسمبر تي بن قاسم ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي جنهن ۾ چار ملزم گرفتار ڪري سندن قبضي مان 36 ٽن چوري ٿيل سامان هٿ ڪري 22 ويلر ٽرالر کي ضبط ڪيو ويو جاچ دوران معلوم ٿيو ته اها چوري اسٽيل مل جي عملي جي ملي ڀڳت سان ٿي آهي، هڪ رپورٽ موجب عدالت ۾ اسڪلڊ ورڪر ڪاشف غفور پاران مبينا طور تي غلط بيان جمع ڪرايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ جوابدارن کي ضمانت ملي ۽ ڪيس جو عمل خراب ٿيو ان لاءِ درخواست ٿي ڪجي ته چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري چورين کي روڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.