”مري وڃان ته مون کي پنهنجي ٻارن جي تصوير سان گڏ دفنائجو“، زارا نور جو جذباتي پيغام

لاهور (ويب ڊيسڪ) زارا نور عباس سوشل ميڊيا تي هڪ جذباتي پيغام شيئر ڪندي چيو آهي ته ”جڏهن مان مري وڃان ته مون کي پنهنجي ٻارن جي تصوير سان گڏ دفن ڪيو وڃي.“
انسٽاگرام اسٽوري ۾ اداڪارا لکيو ته سندس زندگي جي سڀ کان وڏي ڪاميابي نه سندس ڪيريئر هو نه سندس گهر ۽ نه ئي اها دولت جيڪا هن ڪمائي، پر اهي اوجاڳا هئا جيڪي هن برداشت ڪيا، اهي پتڪڙا هٿ جيڪي هن پڪڙيا، اهي مُرڪون، اهي ڳوڙها، ۽ اهي سڀ ڀاڪر هئا جن کيس شفا ڏني.
زارا نور عباس لکيو ته ماءُ هئڻ جو احساس ئي سندس زندگي جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي، جنهن هن کي مڪمل انسان بڻايو.
واضح رهي ته زارا نور عباس ڊسمبر 2017 ۾ اداڪار اسد صديقي سان شادي ڪئي هئي.
سال 2021 ۾ هڪ المناڪ اسٽلبرٿ جي تجربي کانپوءِ مارچ 2024 ۾ سندن گهر ڌيءَ نورِ جهان صديقي جي پيدائش ٿي جنهن کي زارا نور عباس پنهنجي زندگي جي وڏي نعمت قرار ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.