ايمان مزاري ۽ هادي علي کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ( اسلام آباد جي مقامي عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ٻنهي کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه خلاف تڪراري ٽوئيٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊائريڪٽر اين سي سي آءِ اي عدالت ۾ پيش ٿيا.
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا وارنٽن تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد ۾ هڪ شخص گرفتار نٿو ٿئي ته پوءِ بلوچستان يا ٻين صوبن ۾ ڇا ڪندئو ؟
جاچ آفيسر عمران حيدر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي رهائشگاهه تي موجود نه هئا ۽ ڄاڻي واڻي گرفتاري کان بچڻ لاءِ روپوش آهن.
اين سي سي آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته چئن آفيسرن تي ٻڌل ٽيم جوڙي وئي هئي، پر جوابدار ڏنل ايڊريس تي موجود نه هئا.
اختيارين وڌيڪ وقت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت گرفتاري لاءِ 24 ڪلاڪن جو وقت ڏنو.
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا ٻنهي جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي ته کين گرفتار ڪري سڀاڻي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا واضح ڪيو ته گرفتاري وارنٽن تي فوري طور عملدرآمد ٿيڻ گهرجي ۽ پوليس کي سڀاڻي صبح يارهين وڳي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.