روس طرفان ايران ۽ اسرائيل کي ٽياڪڙي جي آڇ

ماسڪو (ويب ڊيسڪ(روسي صدر ولاديمير پيوٽن اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران هن ٻنهي ملڪن کي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي.
ڪريملن موجب، ٽيليفون ڪالز دوران صدر پيوٽن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”روس ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي.“
ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف صحافين کي ٻڌايو ته ماسڪو ”ايراني صدر سان ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي نتيجن جو تمام جلد اعلان ڪندو.“
هنن دعويٰ ڪئي ته ”روسي صدر ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.