مزاحمت کانپوءِ به مفاهمت ئي واحد رستو آهي، ملڪ جي بهتري لاءِ ڳاليهون ضروري آهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملڪ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي ۽ مزاحمت کانپوءِ به مفاهمت ئي واحد رستو آهي.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي کي ڏنو آهي ۽ هو ئي بهتر فيصلو ڪري سگهي ٿو.
ان موقعي تي هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا هو فواد چوڌري جِي نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جو حصو بڻجندو؟ جنهن تي شاهه محمود قريشي چيو ته هو پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين آهي ۽ پارٽي پاليسي کان هٽي نٿو سگهي.
فواد چوڌري سان ملاقات بابت سوال تي قريشي چيو ته هو ۽ فواد چوڌري هڪ ئي پارٽي ۾ رهيا آهن ”هو اسپتال ۾ منهنجي عيادت لاءِ آيا هو ۽ هاڻي گهر آيل مهمان کي اهو نٿو چئي سگهجي ته ڇو ملڻ آيا آهين.“
افغانستان بابت شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي خوشحالي جو رستو پاڪستان سان جڙيل آهي ۽ جيڪڏهن افغانستان استحڪام چاهي ٿو ته کيس پاڪستان سان سٺا لاڳاپا رکڻا پوندا.
ايران جي سرحد تي صورتحال بابت هن چيو ته في الحال حالتون ڪنٽرول ۾ آهن، جڏهن ته ڀارت بابت هن چيو ته پاڪستان جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، پر خطرو اڃا مڪمل ٽريو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.