سمٿ طرفان سنگل نه وٺڻ تي بابر چڙي ويو، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ پاڪستاني بيٽرن کان زور آهي: سوشل ميڊيا

” مون کي نٿو لڳي ته سنگل نه وٺڻ تي بابر مون مان ايترو خوش ٿيو هوندو…“
آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيـو سمٿ مٿيون تبصرو ان وقت ڪيو جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن بگ بيش ليگ دوران اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم سان گڏ کيڏندي سنگل وٺڻ کان انڪار ڇو ڪيو.
واضح رهي ته ليگ جي 37هين ميچ دوران سندس ٽيم سڊني سڪسرز 190 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪري رهي هئي، پهرين اننگز ۾ سڊني ٿنڊرز ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون.
ميچ ۾ سڊني سڪسرز لاءِ بابر اعظم ۽ اسٽيـو سمٿ اوپننگ ڪري رهيا هئا.
ان دوران جڏهن ٻئي اوور ۾ بابر اعظم جي آئوٽ ٿيو ته پويلين ڏانهن ويندي ڏاڍو ناراض نظر آيو، هن واپس ويندي پنهنجو بيٽ بائونڊري روپ تي وهائي ڪڍي.

بابر اعظم ۽ اسٽيـو سمٿ جي وچ ۾ ڇا ٿيو؟
190 رنسن جي هدف جي جواب اسٽيـو سمٿ ۽ بابر اعظم شروعاتي 12 اوورن ۾ 141 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، جيڪا سڊني سڪسرز جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اوپننگ ڀائيواري آهي.
ميچ 11 هين اوور دوران بابر اعظم ٽي ڊاٽ بال کيڏيا، جڏهن آخري بال تي هن سنگل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسٽيـو سمٿ رنس وٺڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو.
اصل ۾ اسٽيـو سمٿ اهو فيصلو بِگ بيش ليگ جي ”پاور سرج“ مرحلي لاءِ ڪيو هو. پاور سرج دوران بيٽر ٻن اوورن دروران وڌيڪ جارحاڻي انداز سان کيڏي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته بالنگ ڪندڙ ٽيم کي دائري کان ٻاهر رڳو ٻه فيلڊرز رکڻ جي اجازت هوندي آهي. بگ بيش ۾ ڇهن اوورن بدران چئن اوورن جو پاور پلي هوندو آهي.
اسٽيـو سمٿ جو اهو فيصلو صحيح ثابت ٿيو، ڇو ته هن 12هين اوور جي پهرين چئن بالن تي چار ڇڪا هنيا ۽ ان اوور ۾ مجموعي طور 32 رنسون ٺاهيون.
پر ان وقت بابر سمٿ جي ان فيصلي کان مطمئن نظر نه آيو ۽ ميدان تي کيس مايوسيءَ جو اظهار ڪندي ڏٺو ويو.
ان موقعي تي هڪ ڪامينٽيٽر تبصرو ڪيو ته ” بابر اعظم خوش نظر نه پيو اچي“ جڏهن ته ٻئي ڪامينٽيٽر چيو ته “ هن کي خوش ٿيڻ گهرجي ڇو ته هي بهتر حڪمت عملي آهي.“
ٽئين ڪمينٽيٽر طنزيه انداز ۾ چيو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ سمٿ بابر کي چئي رهيو هجي ته ”توهان ڇڪو نٿا هڻي سگهو.“
ان دوران 13هين اوور جي پهرئين بال تي بابر 47 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ پويلين ڏانهن واپس ويندي پنهنجي بيٽ بائونڊري روپ تي وهائي ڪڍي.
ان دوران ڪامينٽيٽر چيو ته بابر ”پنهنجي پارٽنر کي ڏسڻ بنا واپس وڃي رهيو آهي.“
ٻئي ڪامينٽيٽر چيو ته ”بابر خوش نه هو، پر اهڙو رويو اختيار ڪرڻ صحيح نه آهي، توهان جيئن به محسوس ڪريو، پر ان حرڪت جي ضرورت نه هئي.“
ان ميچ ۾ اسٽيـو سمٿ 42 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي ۽ کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ميچ کانپوءِ جڏهن اسٽيـو سمٿ کان پڇيو ويو ته هن ائين ڇو ڪيو؟
جنهن جي جواب ۾ هن چيو ت ” 10 اوورن کانپوءِ ٽيم چيو هو ته پاور سرج جو استعمال ڪيو وڃي، پر مون هڪ اوور کانپوءِ فيصلو ڪيو، ڇو ته هو ليگ سائيڊ تي ننڍي بائونڊريءَ جو فائدو وٺڻ چاهي پيو.
سمٿ چيو ته سندس ارادو 12هين اوور ۾ 30 رنسون ٺاهڻ هو ۽ هن ان اوور ۾ 32 رنسون ٺاهيون.
سمٿ اهو به چيو ته ان فيصلي سبب ”مون کي نٿو لڳي ته بابر گهڻو خوش هو.“

پاڪستاني بيٽرن کي پنهنجو انداز بدلائڻو پوندو
سوشل ميڊيا تي واهپيدار ان واقعي تي تبصرا ڪري رهيا آهن، ڪيترن جو خيال آهي ته پاڪستاني بيٽرن کي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ لاءِ پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻي پوندي.
صحافي فيضان لاکاني سوال ڪيو ته ”ڇا بگ بيش جون ٽيمون پاڪستاني بيٽرز تي اعتماد وڃائي رهيون آهن؟“
هڪ صارف لکيو ته ” آخري بال تي اسٽيـو سمٿ بابر اعظم کي اسٽرائيڪ ڏيڻ بدران سنگل وٺڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ اڳئين اوور ۾ 30 رنسون (4 ڇڪا، 1 چوڪو) ٺاهيون.“
هڪ ٻئي واهپيدار تبصرو ڪندي چيو ته ”بابر واضح طور ڪاوڙيل نظر آيو، ڪجهه ڏينهن اڳ محمد رضوان کي سندس ڪپتان رٽائرڊ آئوٽ ڪيو هو… شايد هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سينيئر پاڪستاني بيٽر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جاري رکڻ واري فيصلي تي سنجيدگي سان نظرثاني ڪن.“
ڪرڪيٽ تجزيي نگار مظهر ارشد لکيو ته ” اها حقيقت آهي ته ڪيترائي پاڪستاني مداح ۽ ڪجهه ڪرڪيٽر اهو نٿا سمجهن ته ’ريٽائرڊ آئوٽ‘ ٿيڻ يا ڪنهن بيٽر کي اسٽرائيڪ تي رکڻ لاءِ سنگل نه وٺڻ جديد ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي حڪمت عملي آهي، اسان اڃا تائين ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کي سمجهي نه سگهيا آهيون.“
ڀرت سندريسن لکيو ته” اسٽيـو سمٿ واضح طور ڪو به موقعو وڃائڻ جي موڊ ۾ ناهي، هو هر اننگز ۾ بيٽ سان اهو پيغام ڏئي رهيو آهي ته هو 2028 تائين پنهنجو اولمپڪس جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ڪيترو خواهشمند آهي، هيءَ واقعي حيرت جوڳي پاور هٽنگ آهي.“
ٻئي پاسي ڪجهه واهپيدارن بابر اعظم جو دفاع ڪندي چيو ته ”بابر هن ميچ ۾ اسٽيـو سمٿ سان گڏ سٺي ڀائيواري قائم ڪئي هئي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.