بلاوائيو (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت فتح سان شروعات ڪندي آمريڪا کي ڇهن وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
بلاوائيو جي ڪوئنس اسپورٽس ڪلب ۾ عالمي ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
آمريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي 36 هين اوور ۾ 107 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
آمريڪا جي بيٽنگ ۾ نتيش سُديني 36، ايڊنٽ جهمڀ 18، ساحل گَرگ ۽ ارجن مهيش 16-16 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي هِنل پٽيل پنج وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته دِپيش ديوندرن، آر ايس امبريش، کيلن پٽيل ۽ ويڀَو سورياونشي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڀارت 108 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، وڪيٽ ڪيپر بيٽر اڀِگيان ڪُنڊو 42، ڪپتان آيوش ماٿري 19، ۽ وِيهان ملهوترا 18 رنسون ٺاهيون.
آمريڪا طرفان رتوِڪ اپيدي ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاندار بالنگ لاءِ هِنل پٽيل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like