سنڌ حڪومت جون ڪوششون عالمي سطح تي تسليم ڪيون پيون وڃن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت هر شعبي ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، ڀلي اسپتالن جو قيام هجي يا تعليمي نظام جي ترقي، صوبائي حڪومت جون ڪوششون عالمي سطح تي تسليم ڪيون پيون وڃن.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون، سڄي سنڌ ۾ صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ سنڌ ۾ عالمي معيار جون صحت جون سهولتون مفت فراهم ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته جناح اسپتال کي عالمي معيار جو بڻايو ويو ۽ اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي مرضن جو علاج مفت ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙيون 11 اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ڪينسر جو مهانگو ترين علاج مفت فراهم ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڪينسر جي علاج لاءِ سائبر نائف ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اهي قدم نه رڳو شهرين جي زندگي بهتر بڻائي رهيا آهن پر سنڌ کي ترقي ۽ زندگي جي معيار ۾ عالمي معيار موجب آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.