ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي زوردار ۽ فيصلائتو حملو ڪرڻ چاهي ٿو: آمريڪي ٽي وي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ٽي وي صدر ٽرمپ طرفان ايران تي زوردار حملي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، اولهه ملڪن ايران مان پنهنجا شهري ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اسرائيل به دفاعي تيارين ۾ لڳي ويو آهي.
آمريڪي ٽي وي جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ ايران تي زوردار حملو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڊگهي جنگ بدران مختصر پر فيصلائتي ڪارروائي چاهي ٿو.
هوڏانهن اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي آرمي چيف فوري طور دفاعي تيارين جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اتر اسرائيل سميت مختلف علائقن ۾ بم شيلٽر کلڻ شروع ٿي ويا آهن.
ٻئي پاسي ايران ۾ سيڪيورٽي صورتحال سبب اسپين، پولينڊ ۽ اٽلي پنهني شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.