واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جي آخري بادشاهه جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي ظاهري طور سٺو انسان لڳي ٿو، پر هن ان ڳالهه بابت غير يقيني جو اظهار ڪيو آهي ته ڇا پهلوي کي ايران اندر ايتري حمايت حاصل ٿي سگهندي جو هو اقتدار سنڀالي سگهي.
اوول آفيس ۾ خابرو اداري رائٽرز کي ڏنل انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته ”اهو ممڪن آهي ته ايران جي موجوده حڪومت ڪِري پوي.“
ٽرمپ ڪيئي ڀيرا ايران ۾ مظاهرين جي حمايت ۾ مداخلت جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي، پر انٽرويو دوران هو رضا پهلوي جي مڪمل حمايت ۾ ٻڏتر جو شڪار نظر آيو.
ٽرمپ چيو ته ”هو تمام سٺو لڳي ٿو، پر مون کي خبر ناهي ته هن ( رضا پهلوي) کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙي ريت قبول ڪيو ويندو ۽ اسان اڃا ان مرحلي تي نه پهتا آهيون.“
هن چيو ته ” مان نٿو ڄاڻان ته سندس ملڪ هن جي قيادت قبول ڪندو يا نه ۽ جيڪڏهن قبول به ڪندو ته اهو منهنجي لاءِ بلڪل ٺيڪ هوندو.“
واضح رهي ته گذريل هفتي ٽرمپ چيو هو ته سندس پهلوي سان ملاقات ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ”اهو ممڪن آهي ته مظاهرن سبب تهران جي حڪومت ڪِري پوي، پر حقيقت ۾ ڪا به حڪومت ناڪام ٿي سگهي ٿي، ڀلي هيءَ حڪومت ڪري يا نه ڪري، پر دلچسپ صورتحال پيدا ٿيڻ واري آهي.“
ياد رهي ته 65 ورهين جو رضا پهلوي آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ ايران کان ٻاهر هئڻ باوجود مظاهرن دوران نمايان رهيو آهي.
سندس والد کي 1979ع واري انقلاب دوران اقتدار تان هٽايو ويو هو، ايران جي مخالف ڌر مختلف گروپن ۽ نظرياتي ڌڙن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ پهلوي جا حامي به شامل آهن، پر ايران جي اندر سندس حمايت منظم صورت ۾ موجود ناهي.
مان نٿو ڄاڻان ته رضا پهلوي کي ايران قبول ڪندو يا نه، پر هو سٺو انسان لڳي ٿو: ٽرمپ
You might also like