ويرات ڪوهلي هڪ ڀيرو ٻيهر ون ڊي جو نمبر ون بيٽر بڻجي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ليجنڊ بيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي رينڪنگ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پهرين پوزيشن تي اچي ويو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب ويرات ڪوهلي پنهنجي ئي ملڪ جي روهت شرما کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي.
نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل هڪ درجو ترقي ڪندي ٻي پوزيشن تي اچي ويو آهي، روهت شرما ٻه درجا پوئتي ٿي ٽين پوزيشن تي هليو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي بابر اعظم جي ڇهين پوزيشن برقرار آهي.
بالرن ۾ راشد خان پهرين، فوجرا آرچر ٻي ۽ ڪلديپ ياديو ٽين پوزيشن تي آهن، جڏهن ته پاڪستان جو ابرار احمد نائين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.