زرداري، نواز شريف ۽ عمران خان سميت اهم شخصيتن جي نالن تي نمبر پليٽن جي نيلامي جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت صدر آصف زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت ٻين اهم سياسي شخصيتن جي نالن تي نمبر پليٽن جي نيلامي جو فيصلو ڪري ورتو.
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي صوبائي وزير فخر جهان نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي ۽ قومي شخصيتن جي نالن تي ٻڌل فينسي ۽ يونيڪ چوائس نمبر پليٽن جي نيلامي 27 جنوري تي نشتر هال پشاور ۾ ٿيندي.
هن ٻڌايو ته نمبر پليٽن جي ٻولي جي شروعات 10 لک رپين کان ٿيندي، جنهن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ ٻولي لڳائيندڙ کي پنهنجي پسنديده يا قومي شخصيت جي نالي تي نمبر پليٽ ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته مرحلي وار ٻي قومي قيادت، مشهور شخصيتن، علائقن ۽ قومن جي نالن سان منسوب نمبر پليٽون به نيلامي ۾ شامل ڪيون وينديون.
صوبائي وزير چيو ته نيلامي جي عمل ۾ گاڏي ملڪ ڀرپور دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ ان قدم سان قومي ناڻي کي فائدو پهچندو، يونيڪ نمبر پليٽون حاصل ڪرڻ لاءِ شهرين دستڪ ايپ ذريعي درخواستون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
هن چيو ته فينسي نمبر پليٽن جي نيلامي بابت باقاعدي اشتهار جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيلامي ۾ شرڪت لاءِ شهري دستڪ ايپ ذريعي درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا، درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 26 جنوري 2026 مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.