سون اڄ به هزارين رپيا مهانگو، تولو گهڻي جو ٿي ويو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپيا واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 86 هزار 162 رپيا ٿي وئي آهي.
هوڏانهن 10 گرام سون 3687 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 16 هزار 805 رپين جو ٿي ويو آهي، جيڪا تاريخ جي نئين بلند ترين سطح آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 43 ڊالر واڌ سان 4638 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.