ٽنڊوالهيار (رپورٽ: حسرت لغاري) ٽنڊي الهيار ۾ ٻئي ڏينھن به جمالي برادري ۽ سندن حمايت ڪندڙن پاران دادو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر خان جمالي جي وارثن سان انصاف لاءِ احتجاج ڪيو ويو . ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج جي اڳواڻي نوجوانن مير علي اڪبر جمالي، ظفر جمالي، چوڌري زاھد اشرف ايڊووڪيٽ ۽ ٻين ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته دادو پوليس بيگناه نادر جمالي کي ڪوڙو مقابلو ڏيکاري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اسان سنڌ جا نوجوان نادر جمالي جي وارثن سان گڏ بيٺل آهيون. هنن چيو ته شهيد نادر جمالي هڪ زميندار ۽ عزت وارو ماڻهو هو جنهن کي دادو پوليس هڪ ننڍڙي ٻڪري جي ڪيس ۾ ڦاسائي، ڪوڙو مقابلو ڏيکاري شهيد ڪيو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته شهيد نادر جمالي جا وارث انصاف جا منتظر آهن. ھنن آئي جي سنڌ کان گهر ڪئي ته ملوث پوليس عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري نادر جمالي جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ پاران گهرو وزارت کي نادر جمالي ڪيس جي جڊيشل انڪوائري جي سفارش ڪئي وئي آهي.