شاداب خان جو بِگ بيش ليگ نه کيڏڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان اعلان ڪيو آهي ته هو بگ بيش ليگ 15 ۾ ٽيم سڊني ٿنڊر لاءِ باقي ميچون نه کيڏيندو.
شاداب خان تازو سريلنڪا جو دورو ڪندڙ پاڪستاني اسڪواڊ جو حصو هو، قومي ڊيوٽي سبب هو بِگ بيش ليگ اڌ ۾ ڇڏي دمبولا پهتو هو، پهريان امڪان هو ته هو بِگ بيش ليگ ۾ واپس ويندو، پر هاڻي هن سوشل ميڊيا تي پوسٽ ذريعي تصديق ڪئي آهي ته هو ليگ جي باقي ميچن ۾ حصو نه وٺندو.
پنهنجي پيغام ۾ شاداب خان سڊني ٿنڊر جي رانديگرن، انتظاميا ۽ اسٽاف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته جيتوڻيڪ هن ڀيري ٽيم فائنل تائين نه پهچي سگهي، پر ٽيم سان گڏ گهاريل وقت ڏاڍو سٺو لڳو،
ذريعن موجب، شاداب خان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي تيارين تي مڪمل ڌيان ڏيڻ لاءِ ليگ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته بگ بيش ليگ جي جاري سيزن ۾ شاداب خان سڊني ٿنڊر جي نمائندگي ڪندي 6 ميچن ۾ 7 وڪيٽون ورتيون ۽ 104 رنسون پڻ ٺاهيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.