ڊگهي عرصي کانپوءِ پهريون ڀيرو ايپل هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فون وڪرو ڪندڙ ڪمپني بڻجي وئي.
2011ع کان 2024ع دوران ڏکڻ ڪوريائي ڪمپني سام سنگ لڳاتار هر سال دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فونز وڪرو ڪندڙ ڪمپني رهي.
پر 2025ع دوران ايپل سام سنگ کي مات ڏيندي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سمارٽ فونز وڪڻڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
ڪائونٽر پوائنٽ جي رپورٽ موجب، 2025ع دوران ايپل جو عالمي سطح تي مارڪيٽ شيئر ويهه سيڪڙو رهيو، يا ٻين لفظن ۾ وڪرو ٿيندڙ هر پنجين فون مان هڪ آءِ فون هئي.
ان کانسواءِ هڪ سال دوران ايپل فونز جي وڪرو ۾ 2024ع جي ڀيٽ ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
سام سام سنگ جي 14 سالا بادشاهي ختم، ڪهڙي ڪمپني جا سمارٽ فون سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيا؟
Next Post
You might also like