جهنگلي هاٿيءَ جي حملن ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ هڪ جهنگلي هاٿي جي حملن ۾ 9 ڏينهن دوران 20 ڄڻا مارجي ويا.
اختيارين موجب اهي واقعا پهرين کان 9 جنوري جي وچ ۾ پيش آيا پر اڃا تائين هاٿي کي قابو ۾ ناهي آندو ويو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ فاريسٽ اهلڪارن تي ٻڌل ٽيم هاٿي جي ڳولا ۽ نگراني ۾ مصروف آهي.
اختيارين موجب هاٿي رات جي وقت پنهنجي جاءِ تبديل ڪندو رهي ٿو، جنهن سبب ان کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، هاٿي اڪيلائي جو شڪار آهي ۽ امڪان آهي ته ان جو جارحاڻو رويو ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾ گهٽجي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.