بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن کي 25 سيڪڙو واڌو ٽيرف جي ڌمڪي ڏيڻ کانپوءِ چين چيو آهي ته اسان پنهنجي جائز حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين.
چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان سدائين اهو مڃيندا آهيون ته ٽيرف جنگ ۾ ڪير نٿو کٽي سگهي ۽ چين پنهنجي جائز حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پختو موقف اختيار ڪندو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي لکيو آهي ته جيڪو به ايران سان ڪاروبار ڪندو، ان کي آمريڪا سان ٿيندڙ هر قسم جي واپار تي 25 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو.
You might also like