ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور فنڪارن راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم جو ڳاڻيٽو دنيا جي مقبول ترين ميوزڪ اسٽارز ۾ ٿئي ٿو. هو نه رڳو ڪنسرٽس ۾ پر تقريبن ۽ شادي جي شاهاڻي محفلن ۾ پنهنجي شاندار پرفارمنس لاءِ به مشهور آهن.
ٻئي فنڪار ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ( بالي ووڊ) لاءِ ڪيترائي سپر هٽ گيت ڳائي چڪا آهن، جنهن ذريعي کين عالمي سطح تي غير معمولي شهرت حاصل ٿي.
ان کانسواءِ ٻئي فنڪار ڪيترن بااثر شخصيتن جي شادين ۾ پرفارم ڪري چڪا آهن ۽ سندن ڳرو معاوضو اڪثر ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع رهيو آهي.
گذريل هفتي راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ۽ سياستدان فريال ٽالپر جي نياڻي عائشا ٽالپر جي شادي جي تقريب ۾ پرفارم ڪيو، جيڪا سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي.
ٻنهي گلوڪارن شادي ۾ آيل مهمانن جي خاص فرمائش تي پنهنجا مشهور گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ان حوالي سان ويجهڙ ۾ اينڪر پرسن نعيم حنيف هڪ پروگرام دوران شادي جي تقريبن ۾ ٻنهي فنڪارن جي معاوضي بابت انڪشاف ڪيو.
هن چيو ته راحت فتح علي خان پاڪستان ۾ شادي جي تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ اٽڪل هڪ ڪروڙ پنجويهه لک رپيا معاوضو وٺندو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن پرفارمنس ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجي ته رقم ٻيڻي ٿي ويندي آهي.
نعيم حنيف موجب، عاطف اسلم شروع ۾ شادين ۾ پرفارم نه ڪندو هو، پر ست ورهيه اڳ ملڪ رياض پنهنجي پوٽي جي شادي ۾ ڳائڻ لاءِ کيس آڇ ڪئي.
عاطف اسلم پهرين انڪار لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو، پر اها رقم ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ هو شادي جي تقريبن ۾ في ايونٽ اڍائي کان ٽي ڪروڙ رپين تائين معاوضي جي طلب ڪرڻ لڳو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيتوڻيڪ صوفي گلوڪارا عابده پروين عام طور تي بيماري سبب تقريبن ۾ شرڪت ناهي ڪندي، پر جيڪڏهن هوءَ پرفارم ڪري ته سندس معاوضو تمام ڳرو هوندو، جيڪو اٽڪل سٺ کان ستر هزار ڊالرن جي وچ ۾ آهي.
نعيم حنيف موجب، فريال ٽالپر جي نياڻي جي شادي ۾ گڏيل طور تي پرفارمنس تي لاڳت لڳ ڀڳ ست ڪروڙ رپيا هئي.
راحت فتح ۽ عاطف اسلم کي ڪروڙن ۾ ادائيگي، فريال ٽالپر جي نياڻي جي شادي تي ڪيترو خرچ ٿيو؟ انگ اکر سامهون اچي ويا
You might also like