ٽرمپ جو ايران سان واپار ڪندڙ ملڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ڪاروبار ڪندڙ سڀني ملڪن تي آمريڪا سان واپار ۾ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ان فيصلي سان اهي ملڪ متاثر ٿيندا، جيڪي ايران جي اهم واپاري ڀائيوارن ۾ شامل آهن.
ٽرمپ موجب اهو قدم ايران ۾ جاري حڪومت مخالف احتجاج دوران پرتشدد ڪريڪ ڊائون جي ردعمل ۾ کنيو ويو آهي.
آمريڪي صدر خبردار ڪيو ته ايران هڪ ريڊ لائن جي ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن احتجاج ڪندڙن تي طاقت جو استعمال جاري رهيو ته آمريڪا وٽ انتهائي سخت آپشن موجود آهن، جن ۾ فوجي ڪارروائي به شامل ٿي سگهي ٿي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي ٽرمپ لکيو ته جيڪو به ايران سان ڪاروبار ڪندو، ان کي آمريڪا سان ٿيندڙ هر قسم جي واپار تي 25 سيڪڙو ٽيرف ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.