ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا عليزي شاهه سينيئر اداڪار، فلمساز ۽ هدايتڪار ياسر نواز کي سخت وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته هو ڪنهن به پليٽ فارم تي سندس نالو کڻڻ کان پاسو ڪري.
انسٽاگرام اسٽوري ۾ عليزي شاهه لکيو ته گذريل پنجن سالن کان ياسر نواز هر موقعي تي سندس ذڪر ڪندو رهيو آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي جو پروجيڪٽ ختم ٿي چڪو آهي.
اداڪارا چيو ته ڪڏهن معافي جي آڇ ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن اهو چيو ويو وڃي ٿو ته ڪم جو تجربو خوشگوار نه هو ، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مسلسل سندس نالو ورتو وڃي.
هن ٻڌايو ته هر پروگرام جو رڪارڊ ۽ رپورٽون موجود آهن، جنهن ۾ هن مون کي بدنام ڪيو آهي.
اداڪارا واضح ڪيو ته جيڪڏهن ياسر نواز اڳتي ڪنهن به پليٽ فارم تي ٻيهر سندس نالو کنيو ته هوءَ بنا دير سندس خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس داخل ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اهڙو رويو جاري رهيو ته هو اصل ڪارڻ به سامهون آڻيندي ته ياسر نواز ساڻس گڏ ڪم ڇو نه ٿو ڪرڻ چاهي، جنهن سان سندس ساک متاثر ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته ياسر نواز 2021ع ۾ نجي ٽي وي تي احسن خان جي شو ۾ گهرواري ندا ياسر سان گڏ شرڪت ڪئي هئي، جتي هن عليزي شاهه سان ڪم جي تجربي کي ڀوائتو قرار ڏيندي چيو هو ته هو ساڻس ڪم ڪري پڇتائي رهيو آهي.
You might also like