پ پ جو حڪومتي اتحاد ۾ رهڻ ملڪي مفاد ۾ آهي: اختلافن جون خبرون رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته موجوده حڪومتي اتحاد ۾ پ پ جو رهڻ ملڪي مفاد ۾ آهي.
اسلام آباد ۾ پ پ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته حڪومت آرڊيننس بابت پ پ جي واڪ آئوٽ کي سنجيدگيءَ سان ورتو، جيڪا هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي.
هن چيو ته حڪمران اتحاد اندر مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اهو ئي ملڪ لاءِ فائديمند آهي، پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي جماعتن کي ذاتي مفادن بدران ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.