سڊني (ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي وومين ٽيم جي ڪپتان ايليسا هيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڀارت خلاف ايندڙ سيريز کان پوءِ هر طرز جي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندي.
35 ورهين جي ايليسا هيلي 2010ع ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ هن 295 عالمي ميچن ۾ ست هزار کان مٿي رنسون ٺاهيون ۽ وڪيٽن پٺيان 275 شڪار ڪيا.
هيلي کي 2023ع ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت سونپي وئي، هوءَ 8 آءِ سي سي ٽائيٽل کٽيندڙ ڪينگروز ٽيم جو حصو رهي.
واضح رهي ته ايليسا هيلي آسٽريلوي مينز ٽيم جي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ جي گهرواري آهي.
پنهنجي بيان ۾ ايليسا هيلي چيو آهي ته هوءَ ڀارت خلاف سيريز کان پوءِ رٽائر ٿي ويندي.
هن چيو ته ” مان اڃا به آسٽريليا لاءِ کيڏڻ جو جذبو رکان ٿي، پر مقابلي وارو پهلو شايد وڃائي ويٺي آهيان، تنهنڪري هي رٽائرمينٽ جو بهترين وقت آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو حصو ته نه رهندي، پر هوم گرائونڊ تي ڀارت خلاف آخري ڀيرو ون ڊي ۽ ٽيسٽ کيڏندي.
اٺ آءِ سي سي ٽورنامينٽ جي فاتح ٽيم جو حصو رهندڙ آسٽريلوي ڪپتان ايليسا هيلي جو عالمي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان
Prev Post
You might also like