جڊيشل ڪميشن اجلاس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا 10 ايڊيشنل جج مستقل، ٻن کي 6 مهينا واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 12 ايڊيشنل ججن جي مستقلي بابت غور ڪيو ويو.
اجلاس دوران جڊيشل ڪميشن 12 مان 10 ايڊيشنل ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن جي باضابطا طور پڌرائي به جاري ڪئي وئي.
پڌرائيءَ موجب جن ججن کي مستقل ڪيو ويو، انهن ۾ جسٽس ميران محمد شاهه، جسٽس تسليم سلطانا، جسٽس رياضت علي سحر، جسٽس محمد حسن اڪبر، جسٽس عبدالحامد، جسٽس جان علي جوڻيجو، جسٽس ناصر احمد ڀنڀرو، جسٽس علي حيدر ادا، جسٽس عثمان علي ۽ جسٽس محمد جعفر رضا شامل آهن.
جڊيشل ڪميشن جسٽس خالد حسين شاهاڻي ۽ جسٽس فياض الحسن شاهه کي 6 مهينن لاءِ واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏني.
اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي مدي ۾ به 6 مهينن جي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو، گڏوگڏ آئيني بينچ لاءِ جسٽس امجد علي، جسٽس حسن اڪبر ۽ جسٽس عثمان علي هادي کي نامزد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.