ڍاڪا/دبئي/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ واري معاملي تي بنگلاديش جي ميگا ايونٽ ۾ شرڪت تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
وينيو جي حوالي سان آءِ سي سي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ وڊيو ڪانفرنس بنا نتيجي ختم ٿي وئي ۽ بنگلاديش هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجون ميچون ڀارت مان منتقل ڪرڻ واري موقف قائم رهيو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ٽورنامينٽ جو شيڊيول اڳواٽ طئي ٿي چڪو آهي، جنهن تي بي سي بي جو چوڻ هو ته ٻنهي ڌرين ممڪن حل لاءِ ڳولا ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
You might also like